هرڪيولس (ٻيو)خسرو بيگ جو ڏاڏو

هرڪيولس (ٻيو)خسرو بيگ جو ڏاڏو

گرگين خان (ٻارهون )خسرو بيگ جو والد

گرگين خان (ٻارهون )خسرو بيگ جو والد

خسرو بيگ مرزا

خسرو بيگ مرزا: سنڌ جي ٽالپر حڪومتي دور (1843ع – 1782ع) جو هيءُ امير، مرزا خسرو بيگ (1860ع – 1789ع) سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو. هو هڪ ئي وقت امير، سفير، قومي اڪابر، شاعر، مؤلف، مرتب، حاذق طبيب هئڻ سان گڏ مير ڪرم عـلـي خـان جـي پـٽيلي(Adopted Son) جي حيثيت ۾ ٽالپر خاندان ۾ اوچي حيثيت رکندو هو. هـن جـــــو جـنـم 1789ع ۾ جـارجــيـــــا (Georgia) جي شـاهـي بـگـر تيوني خاندان (Begrationi Dynasity) ۾ ٿيو، جنهن ساندهه هڪ هزار سالن (1917 – 900ع) تائين جارجيا (گرجستان: Georgia) تي حڪومت ڪئي هئي. سامي نسل جي هن خاندان جو واسطو حضرت دائودعه جي انهيءَ اولاد سان آهي، جن پنجين صدي ق م ۾ فلسطين مان لڏ پلاڻ ڪري جارجيا ۽ آرمينيا کي وڃي آباد ڪيو ۽ اٺين صدي عيسويءَ ۾ پنهنجو سياسي اثر ۽ طاقت وڌائي انهن سينٽرل ايشيائي رياستن ۾ پنهنجيون حڪومتون قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. رومي اثر جي ڪري هن خاندان عيسائي مذهب اختيار ڪيو. هن خاندان مان مرزا خسرو بيگ گرگين ٻارهين جو پٽ ۽ اليگزينڊر عرف هرڪيولس ٻئي جو پوٽو هو.
تمام گهڻين ندين ۽ درياهن وارو هي خطو گرجستان وچ ايشيا جو هڪ حسين ملڪ آهي، ايراني بادشاهه محمد خان قاچار ( 1797ع– 1794ع) گرجستان جي حاڪم، هرڪيولس کي شوشيءَ جي نواب جي طرفداري ڪرڻ کان روڪڻ جو بهانو بڻائي، سندس ملڪ تي چڙهائي ڪئي، گرجستان جي گاديءَ واري هنڌ طفلس (Tbilisi) ۾ لٽ مار ۽ عام ڪوس سبب هرڪيولس وڏي مزاحمت ڪئي ۽ سخت زخمي ٿيڻ سبب گذاري ويو. ان جي جڳهه تي سندس پٽ گرگين خان ٻارهون تخت نشين ٿيو، ان جنگ ۾ شوشيءَ جي قلعي ۾ محمد خان قاچار 2 ذوالحج 1212هه / 18 مئي 1797ع تي مارجي ويو. سندس ڀائيٽيو فتح علي شاهه قاچار سندس جڳهه تي تخت نشين ٿيو. هن به جارجيا تي فوجي ڪاهه ڪئي، هرڪيولس جي خاندان تحفظ لاءِ ڪاڪيشين جبلن (ڪوه قاف) ڏانهن ڀاڄ ڪئي، ان دوران هرڪيولس جو هڪ پوٽو همايون خان سخت بيماريءَ سبب هلڻ جهڙو نه رهيو، جنهن کي هڪ باغ ۾ ڇڏيو ويو، بيمار ڀاءُ جي محبت ۾ مرزا خسرو بيگ به سـاڻـس رهـي پـيـو ۽ اتـان ايـرانـي جنرل علي مراد هٿان گرفتار ٿي ارس دريا (Aras River) جي ڪناري خيمه زن فتح علي شاهه قاچار جي آڏو پيش ڪيو ويو، جتان هو ايران جي بادشاهگر امير حاجي ابراهيم جي سارسنڀال هيٺ آيو، ان وقت مرزا خسروءَ جي عمر 9 سال هئي، ان ريت سن 1801ع ۾ هو 11 سالن جي عمر ۾ فتح علي شاهه قاچار جي درٻار مان آخوند اسماعيل معرفت مير ڪرم علي خان جي ڪفالت هيٺ آيو. مير ڪرم علي خان جي حڪم تي هو شروعات ۾ سندس هڪ امير، مير الهداد چنڊ جي گهر ۾ مهمان ٿي رهيو، جتي مير الهداد جي والده مائي راستي سندس خدمت ڪندي هئي ۽ آخوند اسماعيل کيس فارسي ۽ ٻيا علم پڙهائيندو هو.
سن 1223هه / 1808ع ۾ مير ڪرم علي خان پنهنجي ڀائرن ۽ مصاحبن کي آگاهه ڪيو ته هن خسرو خان کي پنهنجو پٽيلو مقرر ڪيو آهي ۽ سندس نالو مرزا خسرو خان رکيو ويو آهي، ’خسرو‘ جي نالي جي لغوي معنيٰ ’خوش روءِ‘ (سهڻي چهري وارو) آهي، جا ننڍپڻ کان ئي سندس عرفيت هئي. سال 1224هه / 1809ع ۾ مير ڪرم علي خان پنهنجي ديرن (زالن) جي خواهش موجب کيس پنهنجي جاگير جو وصي (سنڀاليندڙ) مقرر ڪيو ۽ هو اها خدمت وفات تائين نڀائيندو رهيو. مير ڪرم علي خان جي حڪومتي دؤر (1244هه/1828ع -1227هه/1812ع) تائين هو پڙهي لکي، 22 ورهين جو ذهين نوجوان ۽ حڪومتي معاملن جو ماهر ٿي چڪو هو. مير ڪرم علي خان جي اقتداري دور ۽ ان کان پوءِ هُن جو ملڪي معاملن ۾ ڪردار تمام اهم رهيو.
خسرو بيگ سال 1232هه / 1817ع ۾ مير ڪرم علي خان لاءِ علامه محمد حسن ٺٽويءَ جي تاليف ڪيل ڪتاب ’محڪِ ڪمال‘ جي طرز تي 853 صفحن تي ٻڌل ايران، سنڌ ۽ هند جي چونڊ متقدين فارسي شاعرن جو ڪلام ’محڪِ خسروي‘ جي نالي سان مرتب ڪيو، جنهن ۾ مختلف شاعرن جا 1627 چونڊ غزل ڏنل آهن. هي خوبصورت قلمي مخطوطو سونهري ۽ رنگين، گلڪاري ۽ چترڪاريءَ سان سينگاريل شروعاتي صفحن سان گڏ بهترين خطاطيءَ جو نمونو آهي، هن جا ٻه نسخا دستياب آهن: هڪ ٽالپرن جي شاهي ڪتب خاني ۾ ۽ ٻيو نسخو لطف الله بدويءَ ۽ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي ڪتب خاني ۾ ڏٺو ويو هو. خسرو بيگ 1271هه / 1854ع ۾ ٽن جلدن ۾ ’مجربات علاج‘ نالي فارسيءَ ۾ هڪ ڪتاب پڻ تاليف ڪيو، جنهن جي ٻئي جلد ۾ جملي انساني جسماني مرضن جو علاج الف. ب. ت جي ترتيب سان لکيل هو. هن محمد اڪبر ارزانيءَ جي عربيءَ ۾ طب تي لکيل ڪتاب ”حدود الامراض“ جو به فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيمس برنس پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي درٻار‘ (A Narative Visit, Court of Sindh) ۾ لکيو آهي ته: مرزا خسرو بيگ 1823ع ۾ بمبئيءَ ۾ ٽالپر حڪمرانن پاران سفارتي مشن تي ويو ۽ اُتان سوڀارو ٿي موٽيو. هُن اهو به لکيو آهي ته ”ٽالپرن جي درٻار ۾ سڀ کان اثر وارو امير، مرزا خسرو بيگ آهي، جنهن جي صلاح مشوري سان ٽالپر حڪومت هلائيندا آهن. هو وڏي هلنديءَ وارو شخص آهي. هو هڪ وڏو عالم، اڪابر، سفير ۽ حساس دل وارو انسان آهي. هن پنهنجي دين جي پيءُ مير ڪرم علي خان ۽ ان کان پوءِ وارن ٽالپر اميرن سان وفاداريءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.“ هن هڪ واقعو مرزا خسرو بيگ جي تيز ذهن ۽ حاضر دماغيءَ بابت هن ريت لکيو آهي ته: ”مون مير ڪرم علي خان کي چيو ته مون کي پنهنجو هڪ شعر ڏيو، جيڪو آءٌ پنهنجي ترار تي اُڪيرائي ڇڏيان، تڏهن مير ڪرم علي خان، مرزا خسرو بيگ کي ويجهو سڏي ساڻس سس پس ڪئي ۽ پوءِ مون کي مير صاحب کان هيءُ شعر مليو:
ز هوشِ فلاطون زبان تيز تر،
ز ابروئ دلدار خون ريز تر.
] آءٌ افلاطون جي وات مان نڪتل ڏاهپ کان به تيز آهيان ۽ دلدار جي ڀرُن کان به وڌيڪ خون ريز آهيان[
سنڌ جو اهو افلاطون مرزا خسرو بيگ ان دور جي عوام ۾ مقبول ۽ مشهور هو، ان دور جي هڪ فارسيدان شاعر، سيد مير غلام علي ’مائل‘ ابن مير علي شير قانع ٺٽويءَ سندس شان ۾ قصيدا چيا آهن، جيڪي ’ڪليات مائل‘ ۾ موجود آهن. سندس وفات کان پوءِ شيخ ريحان بنگال واري جي پوٽاڻ مان ميان وڏل شاهه علويءَ، سال 1307هه / 1889ع ۾ سندس حياتيءَ ۽ خدمتن تي هڪ ڪتاب ”يادگار مرزا خسرو بيگ گرجي“ (مرزا خسرو بيگ جون يادگيريون) فارسيءَ ۾ لکي راس ڪيو. ان کان پوءِ هُن دوستن جي چوڻ تي سال 1315هه/ 1897ع ۾ ان جو سنڌيءَ ۾ اختصار (Abridged) لکيو، فارسيءَ وارو نسخو ته زماني جي دستبرد کان محفوظ نه رهي سگهيو، پر سنڌيءَ وارو قلمي نسخو محفوظ رهيو، جنهن کي مرزا قليچ بيگ، انگريزيءَ ۾ ”Memoires of Mirza Khusro Beg“ نالي سان ترجمو ڪيو.
سال 1843ع ۾ جڏهن چارلس نيپئر ، انگريزن جي وفادار مير علي مراد خان کي خيرپور جي تخت تي ويهاري، امام ڳڙهه جي قلعي کي برباد ڪري، مير رستم کي گاديءَ تان لاهي ۽ خيرپور مان ڊوڙائي، حيدرآباد ڏانهن رخ ڪيو، تڏهن مير نصير خان، مرزا خسرو بيگ جي سربراهيءَ ۾ يوسف منگواڻي ۽ غلام علي نظاماڻيءَ تي ٻڌل وفد کي سر چارلس نيپئر سان ڳالهين لاءِ موڪليو. ڀريا لڳ ٻنهي وفدن جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي، ڳالهين دوران مرڪزي حڪومت جي سفير جي حيثيت ۾ هن خيرپور رياست تي مير رستم جي بحاليءَ وارو پهريون نُڪتو سامهون رکيو، جنهن تي مرزا خسرو بيگ ۽ چارلس نيپئر جي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي. چارلس نيپئر چيو ته: ”آءٌ ڏسندس ته بلوچن جون تلوارون ڪيئن ٿيون انگريزن جي بندوقن ۽ توبن جي گولن جي وسڪاري کي منهن ڏين“ ان تي مرزا خسرو بيگ ٺهه پهه وراڻيو ته: ”سنڌ ڪو حلوو ناهي، جو توهان (انگريز) ان کي آسانيءَ سان کائي ويندا“
خسرو بيگ، 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي وارين جنگين کان پوءِ ٽالپر حاڪمن جي حرم جي حفاظت ڪندي، قلعي ۾ فوج سان گڏ گهڙندڙ ميجر مئڪفرنس کي ڳٿڙ مان جهليو ۽ سندس ساهه گهٽڻ لڳو. انگريز فوج ميجر مئڪفرسن کي ڇڏائي، خسرو بيگ تي پهرو بيهاري ڇڏيو، ڇو ته هو جذبات ۾ اچي وڙهڻ لاءِ تيار هو. ان وقت مرزا خسرو بيگ جي عمر 55 ورهيه هئي. هُن کي پنهنجي دين جي پيءُ مير ڪرم علي خان پاران سنڌ جي مختلف علائقن سيوهڻ، ٽلٽي، بدين ۽ مير ٻيلي ۾11 جاگيرون، ڦليلي، گدوبندر ۽ سنڌو درياهه لڳ ڪيترائي باغ مليل هئا. هن لارڊ ايلنبرو پاران 24 مارچ 1844ع تي جاگيرن جي بحاليءَ واري اعلان کان پوءِ ڪا درخواست نه ڏني ۽ سڄي زندگي مالي مشڪلات جو شڪار رهيو. سندس شادي هالا پراڻا جي معزز خاندان جي هڪ ديندار عورت سان ٿي، جنهن مان کيس ست پٽ: مرزا قلب علي، مرزا احمد علي، مرزا علي محمد، مرزا ولي محمد، مرزا محمد رحيم، مرزا غلام مصطفيٰ ۽ مرزا غلام مرتضيٰ کان سواءِ نياڻين جو به اولاد ٿيو. جن مان هڪ نياڻيءَ جي مرزا قليچ بيگ جي والد مرزا فريد الدين بيگ سان شادي ٿي. سندس ٽي پٽ پهريون، ٻيو ۽ ڇهون ننڍي هوندي ئي گذاري ويا، جڏهن ته باقي چئن پٽن مان ٻه انگريز سرڪار جي نوڪرين ۾ آيا ۽ سنڌ جي سرڪاري طرح خدمت ڪيائون. هن جي خاندان مان ڪيترا ناميارا ۽ اصول پسند ماڻهو پيدا ٿيا، جن سنڌي سماج ۽ سنڌ واسين جي هر سطح تي وڏي خدمت ڪئي آهي. سندس پوٽاڻ ۾ مرزا علي نواز بيگ، مرزا عابد حسين بيگ (مرزا خسرو بيگ جو پڳدار)، مرزا تصدق حسين بيگ، جسٽس مرزا ظفر حسين بيگ، مرزا فضل حسين بيگ، مرزا يوسف علي بيگ، مرزا ابرار حسين، ذوالفقار علي مرزا، نصير مرزا، سوسن مرزا اچي وڃن ٿا، جڏهن ته سندس ڏوهٽاڻ ۾ مرزا قليچ بيگ، مرزا صادق علي بيگ، مرزا علي قلي بيگ، (مرتب: سچلرح جو پهريون رسالو)، نادر بيگ مرزا، همايون بيگ فائق، مرزا منو چهر بيگ، خانصاحب مرزا فرخ بيگ، خانبهادر مرزا سڪندربيگ، مرزا حيدر قلي بيگ، اجمل بيگ، مرزا اسد بيگ، مرزا يوسف علي بيگ، مرزا واجد حسين بيگ، پهرين مسلمان خاتون نثر نگار دلشاد مرزا، اعجاز علي بيگ، نصير مرزا، مهر افروز مرزا جنهن انگريزيءَ ۾ ڪتاب ‘Georgian Saga’ (2005) ۾ لکي، گرجي خاندان جي علمي، ادبي ۽ ٻين خدمتن تي روشني وڌي آهي، جڏهن ته انهيءَ خاندان مان مرزا اعجاز علي بيگ جي نياڻي ڊاڪٽر فائزه زهره جنهن تهران يونيورسٽيءَ مان مرزا خسرو بيگ جي زندگيءَ، علمي ۽ ادبي خدمتن، خاص ڪري سندس مرتب ڪيل ڪتاب ’محڪِ خسرويءَ‘ تي ڊاڪـٽـر مـحـمـد رضـا شـفـيـع تذڪريءَ جي رهبريءَ (Guidance)۽ ڊاڪٽر محمد حسين تسبيحيءَ ۽ ڊاڪٽر تقي پورنامداريان جي مشاورت ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري 2007ع ۾ حاصل ڪري، پنهنجي وڏن جي علمي ۽ ادبي سلسلي کي قائم ۽ دائم رکيو آهي.
مرزا خسرو بيگ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو، سندس ڪلام سندس ڏوهٽي مرزا قليچ بيگ ’گرجي نامه‘ جي منڍ ۾ ڏنو آهي.
مرزا خسرو بيگ هڪ وفادار انسان طور پنهنجي اميرن سان ڏکن واري سفر ۾ توڙ تائين نڀايو ۽ ان ريت هڪ اعليٰ اخلاقي مثال قائم ڪيو. جڏهن انگريزن، سنڌ جي ٽالپر اميرن کي ڪلڪتي، ممبئي ۽ پوني ۾ نظر بند ڪيو هو ته پويان اميرن جا حرم سنڌ ۾ سخت ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، ٽالپر اميرن جي آزادي، قيدين ۽ حرم وارن جا معاشي مسئلا، جاگيرن جي بحالي، قانوني ويڙهه ۽ ٻيا انيڪ مسئلا درپيش هئا. اهڙيءَ دربدريءَ واري صورتحال ۾ مرزا خسرو بيگ ئي اڪيلو شخص هو، جنهن هن تباهه حال ٽالپر خاندان سان سچائيءَ سان نڀايو. هو باندي ٽالپرن ۽ اميرن جي ديرن لاءِ وڏي آٿت هو ۽ حيدرآباد جي قلعي کان ٽنڊي سائينداد تائين ۽ ٽنڊي سائينداد کان ٽنڊي ٺوڙهي تائين هن شامِ غريبان جي قافلي سان هم قدم ۽ هم قلم رهيو.
خسرو بيگ کي به انگريز سرڪار سخت نظرداريءَ هيٺ رکيو هو، ڇو ته هن انگريز دور ۾ مصر، ايران ۽ جارجيا وڃڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، پر انگريزن کيس اهڙي اجازت نه ڏني، ڇو ته انهن ٽنهي ملڪن سان خسرو بيگ جا سٺا ۽ عزت وارا لاڳاپا هئا، جنهنڪري انگريزن کي شڪ هو ته مرزا خسرو بيگ ڪٿي ٻاهر وڃي سندن لاءِ ڪا مصيبت ۽ مسئلو نه کڙو ڪري وجهي. 1858ع ۾ جڏهن مير نصير خان جو لاش رات جي وڳڙي ۾ انگريزن، ڪليڪٽر جي بنگلي تي دفنائڻ لاءِ آندو، تڏهن ٻين سوڳوارن سان گڏ مرزا خسرو بيگ به موجود هو. سال 1859ع ۽ جڏهن مير حسين علي ٽالپر ڪلڪتي مان نظربندي ختم ٿيڻ بعد سنڌ آيو، تڏهن مير حاجي محمد خان، مير يارمحمد خان ۽ ٻين سان گڏ مرزا خسرو بيگ به سندس آجيان لاءِ ونٽري بندر تي پهتل هو، ان وقت مير حسين عليءَ پاران خير و عافيت پڇڻ تي هن هيٺيون شعر چيو:
يک غم دوغم سه غم بود آيا چهار غم
بيچارِه دل چه چاره کند با هزارِ غم
]هڪ غم، ٻه غم، ٽي غم هجن يا چار، ويچاري دل هزار غمن کي ڪيئن منهن ڏئي.[ شعر ٻڌي سڀئي مير ۽ آجيان لاءِ آيل امير روئڻ لڳا.
مرزا خسرو بيگ سدائين ٽالپرن حاڪمن جو دلي دوست ۽ سندن محبت ۾ گرفتار رهيو. ان ڪري هن پنهنجي ڪجهه مُنڊين تي هيٺيون عبارتون لکرائي ڇڏيون هيون:
(1) ’من نگين است که کندند نيامِ خسرو‘
(2) ’خسرو غلام درگِه سلطان کرم علي ست‘
(3) ’سلطان کرم علي ست که خسرو غلام اوست‘
سنڌ جو هيءُ اهم ڪردار، مرزا خسرو بيگ 2 جمادي الثاني 1277هه/16- ڊسمبر 1860ع تي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪري ويو ۽ حيدرآباد شهر جي اُلهندي پاسي ميرن جي قبن لڳ پنهنجي مهربان ۽ محسن ٽالپر حڪمرانن جي قبرستان ۾ هي شخص سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جا باب سيني ۾ سانڍي ابدي آرامي آهي. سندس وفات تي مرزا فريدون بيگ هڪ قطع تاريخ لکي آهي، جيڪا سندس سڄي حياتيءَ ۾ آيل اُس ۽ ڇانوري واري هر رنگ: خدمتن، گڻن، ڏکن ۽ جاکوڙ جو تفصيل پيش ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.12.16  عيسوي

سنڌ جو هيءُ اهم ڪردار، مرزا خسرو بيگ 2 جمادي الثاني 1277هه/16- ڊسمبر 1860ع تي پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احفاظ الرحمان
جارج ابراهَم گريئرسن
خانزئي مولوي غلام محمد
قاضي دوست محمد
تاج بانو براهوئي
جنجهي مينهين ٻائي
پروفيسر هاسانند جادوگر
رميش چوڌري
پير محمد لکوي
رسول بخش پليجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون